ڏاڪ چُوپَ

ڏاڪ چُوپَ: هي ٻاراڻي راند جو هڪ قسم آهي، جنهن ۾ هڪڙو ٻار کٻڙ جي وڻ مان راند ۾ شامل ٻارن جي تعداد جي مناسبت سان ننڍيون ننڍيون ڪاٺيون پٽي، گڏ ڪري، انهن ڪاٺين مان هڪ ڪاٺي اڌ مان ڀڃندو ۽ پوءِ سموريون ڪاٺيون، هڪ ٻار هٿ ۾ اهڙي طريقي سان جھليندو، جيئن مٿيون حصو ظاهر ۽ هيٺيون حصو ڍڪيل رهي ۽ ڀڳل ڪاٺي اصل نه ڏسجي، پوءِ آڳيل ٻيل چوندڙ ٻار واري واري سان مٿان ڪاٺيون ڇڪي کڻندا ويندا آهن، جنهن به ٻار جي حصي ۾ يعني هٿ ۾ ڀڳل ڪاٺي آئي، سو ٻين ٻارن کي پڪڙڻ جو ذميوار هوندو، يعني ان کي وارو/آڳ ملندي. جڏهن ڀڳل ڪاٺي ڪنهن ٻار کي هٿ ۾ آئي ته سمورا ٻار وڏي آواز ۾ چوندا ’منڊي ڪاٺي، منڊي ڪاٺي‘ ۽ خوش ٿيندا ته اسين ان کان بچي وياسين. ان عمل کانپوءِ کٻڙ مان هڪ ٿلهي ٻانهن جيتري ڪاٺي يعني ڏاڪو ٺاهي، پنهنجي ٻنهي ٽنگن جي وچ مان ٽپائي زور سان پري اڇلائيندو آهي ۽ ذميوار ٻارُ ڊوڙي اها ڪاٺي کڻي اچي، هڪ هنڌ وڻ هيٺان رکندو. سمورا ٻارَ کٻڙ جي وڻ تي چڙهي ويندا ۽ ٻار وري کانئس بچندي اچي رکيل ڏاڪي کي هٿ ۾ کڻي چُمي ڏيندا آهن. جيڪڏهن ڪو ٻار ڏاڪو چمڻ کان پهريان ئي پڪڙجي پيو، سو وري ٻين ٻارن کي پڪڙڻ جو ذميوار ٿيندو ۽ آڳ ان کي ملندي. هي به ڏاڪ چُمي وانگر هڪ راند آهي، جيڪا مختلف علائقن ۾ مختلف نمونن سان کيڏي وڃي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو